ٺل ۾ ناري مورزادي سرڪي جي اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ سندن وارثن احتجاج ڪيو

fazela sarki

ٺل ۾ ناري مورزادي سرڪي جي اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ سندن وارثن احتجاج ڪيو.

ناري مور زادي سرڪي وارثن  الهڏنو ۽ گل حسن سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

هنن چيو ته پوليس ناري مورزادي جي اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

نينگري فضلا سرڪي جي بازيابي لاءِ سندس والد عبدالرزاق سرڪي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

 عبدالرزاق سرڪي چيو ته ڌي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ پوليس توڙي چونڊيل نمائندن واعدا ڪيا پر نياڻي بازياب ٿي نه سگهي آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نينگري فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*