آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو آهي ته هينئر به چوان ٿو ته عمران خان جي پاڪستان کي تسليم نه ٿو ڪيان

raja farooq pm azad kashmir

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو آهي ته هينئر به چوان ٿو ته عمران خان جي پاڪستان کي تسليم نه ٿو ڪيان، توهين برداشت نه ڪندس ڀلي وزارت عظميٰ هلي وڃي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راجا فاروق حيدر چيو ته منهنجي بيان کي غلط نموني پيش ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته عمران خان کي سڀني خلاف ڳالهائڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي؟

هن چيو ته پاڪستان ۾ سياسي هلچل تي کيس تمام گهڻي ڳڻتي آهي، پاڪستان جي سياست ۾ ڪشمير جي تحريڪ کي متاثر نه ڪيو وڃي،

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس پاڪستان بابت ڏنل بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، مان پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري چڪو آهيان.

هن چيو ته پاڪستان منهنجو ملڪ آهي، جيڪڏهن مون ڪا غلط ڳالهه ڪئي آهي ته پوءِ منهنجو ڳلو ڪپيو وڃي، مان آزاد ڪشمير جي عوام وٽ ويندس ۽ پنهنجو ڪيس پيش ڪندس.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته هو قائداعظم جي پاڪستان جو حامي آهي، جيڪڏهن عمران خان خان جي پاڪستان کي نه مڃيندس ته ڇا ڦاهي ڏني ويندي؟

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي تنقيد تي رد عمل ظاهر ڪندي راجا فاروق حيدر چيو ته عمران خان پڙهيل لکيل آهي، ٻڌايو وڃي ته ڇا اهڙا ماڻهو پڙهيل لکيل هوندا ۽ اهڙا ماڻهو نئون پاڪستان ٺاهيندا.

راجا فاروق حيدر چيو ته عمران خان کي کلي ڇوٽ مليل آهي، جيڪو وڻيس ٿو اها ڳالهائي ٿو، هن چئن ڪلاڪن تائين ميڊيا کي يرغمال بڻايو پر ڪنهن به ڪجهه نه چيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*