نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته نوازشريف ڪو به اعتراف نه ڪيو آهي

daniyal aziz

نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته نوازشريف ڪو به اعتراف نه ڪيو آهي، عمران خان اعتراف ڪيو ته وٽس بني گالا جي مني ٽريل نه آهي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته عمران خان 1997ع ۾ اين اي 11 تان چونڊ وڙهي ناڪام رهيو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته 1997ع ۾ بين القوامي اثاثن جو ڪم نه هو، عمران خان جي اثاثن بابت رڪارڊ ۾ واضح فرق آهي.

هن چيو ته  پرڏيهي اثاثا 1997ع ۾ به ظاهر ڪرڻ ضروري هئا، هاڻ عمران خان صادق ۽ امين ناهي رهيو.

دانيال عزيز چيو ته عمران خان گذريل اليڪشن ۾ نيازي سروس جا اثاثا لڪايا، سندس 20سالن کان اليڪشن ۾ هارائڻ جي روايت آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان پنهنجي ڪتاب ۾ خراب مالي حالتن جو ذڪر ڪيو هو.

دانيال عزيز چيو ته عمران جي وڪيل انور منصور پرڏيهي فنڊنگ جو اعتراف ڪيو،

حنيف عباسي چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ آڏو ڪوڙڳالهايو آهي.

حنيف عباسي چيو ته عمران خان اعتراف ڪيو ته بني گالا مني ٽريل وٽس ناهي، هاڻ عمران خان جي سازش بي نقاب ٿي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*