بلوچستان ۾ ايف سي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ٻن ٺڪاڻن کي تباهه ڪندي ڌماڪيدار مادو
بلوچستان ۾ ايف سي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ٻن ٺڪاڻن کي تباهه ڪندي ڌماڪيدار مادو، ڊيٽونيٽر هٿ ڪيا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن ردالفساد تحت ايف سي بلوچستان جي علائقي پيرڪوڊيرا ۾ ڪارروائي ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران دهشتگردن جا 2 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان 32 ڪلو بارودي مواد، 7 راڪيٽ گرنيڊ ۽ ڊيٽونيٽرز هٿ ڪيا ويا آهن…………