سنڌ اسيمبلي معذور ماڻهن ڀلائي ۽ بحالي وارو بل منظور ڪري ورتو، بل پاس ٿيڻ معذور ماڻهن جي ملازمتن ۾ ڪوٽا ٻه مان وڌي 5 سيڪڙو ٿي وئي

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي معذور ماڻهن ڀلائي ۽ بحالي وارو بل منظور ڪري ورتو، بل پاس ٿيڻ معذور ماڻهن جي ملازمتن ۾ ڪوٽا ٻه مان وڌي 5 سيڪڙو ٿي وئي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو.

اجلاس دوران اقامي جو ذڪر نڪتو ته فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته جن ماڻهن وٽ اقامو آهي الله کين نااهل ڪري.

سعيد غني چيو ته جيڪڏهن سندس ذاتي ووٽ هجي ها ته ڪڏهن به شيخ رشيد کي ووٽ ڏيڻ جو سوچي به نه ها، خان صاحب پنهنجي ئي پارٽي مان ڪو سنجيده شخص کي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪري ها ته بهتر هجيس ها.

هن چيو ته خان صاحب وقت سان ڪجهه به ناهي سکيو، زرداري صاحب جو وارو شايد بعد ۾ اچي پر ان کان اڳ خان صاحب جو وارو آهي.

اجلاس ۾ معذورن جي ڀلائي ۽ بحالي جو ترميمي بل 2017ع پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن پاران دلچسپي نه وٺڻ تي اسپيڪر آغا سراج دراني ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

آغا سراج دراني چيو ته ميمبر اجلاس ۾ ويهڻ بدارن ڪيفيٽيريا هليا وڃن ٿا ۽ اسيمبلي ۾ دلچسپي نٿا وٺن.

پارلياماني معاملن واري وزير نثار کهڙو چيو ته بل تحت سان سرڪاري ملازمتن ۾ معذور ماڻهن جي ڪوٽا ٻه مان وڌائي 5 ڪئي پئي وڃي.

بل جو مقصد ڏسي ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽين جي ميمبرن بل جي حمايت ڪئي، جنهن بعد بل يڪراءِ سان منظور ڪيو ويو.

اسپيڪر اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*