خيرپور جي ضلعي هيلٿ آفيس تي اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڇاپو هڻي دوائن جي خريداري ۽ ٻين فنڊن بابت 16- 2015 جو رڪارڊ سيل ڪيو

khairpur anti corruption chapa

خيرپور جي ضلعي هيلٿ آفيس تي اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڇاپو هڻي دوائن جي خريداري ۽ ٻين فنڊن بابت 16- 2015 جو رڪارڊ سيل ڪيو، جڏهن ته ڊي ايڇ او فرار ٿي ويو .

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن عيسو خان جمالي  ۽ سول جج خيرپور وزير علي ٻوهيو جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڊي ايڇ او آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪيو.

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن عيسو خان جمالي چيو ته دوائن  جي خريداري ۽ ٻين فنڊن ۾ ڪرپشن جي شڪايتن بعد ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته رڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*