پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي وزير اعظم راجا فاروق حيدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

raja farooq pm azad kashmirrr

پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي وزير اعظم راجا فاروق حيدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته راجافاروق حيدر جو بيان بغاوت جي ذمري ۾ اچي ٿو.

هن چيو ته فاروق حيدر کي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي ها، ڪنهن ٻئي ملڪ سان الحاق وارو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها.

اعتزاز احسن چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي اهڙ لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجن ها، هاڻ سندس عهدي تي رهڻ جو ڪو به جواز نه  آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*