نواز ليگ اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته عمران خان سپريم ڪورٽ مان سڌو اڊيالا جيل ويندو، نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيندو

Asif-karamani-2617

نواز ليگ اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته عمران خان سپريم ڪورٽ مان سڌو اڊيالا جيل ويندو، نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف خلاف ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪ جو ڪو به الزام ثابت نه ٿيو آهي، اسان خدشن باوجود برداشت ۽ حوصلي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين.

هن چيو ته يقين سان چوان ٿو ته نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر عوام ۾ سرخرو ٿيندو پر ڇا عمران خان پنهنجي ٻارڙن جا اثاثا ۽ آف شور ڪمپنيون ظاهر ڪيون آهن؟

آصف ڪرماني چيو ته شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي جو فيصلو پارٽيءَ جي صلاح مشوري سان ڪيو ويو آهي

هن چيو ته هاڻي عمران خان سان اسان جو مقابلو ٿيندو، کيس ملڪ مان ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، هو اڊيالا جيل ۾ هوندو ۽ ماضي جو حصو بڻجي ويندو.

آصف ڪرماني چيو ته عمران خان پاران جمع ڪرايل ڪاغذ فراڊ آهن، نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*