ڪنري ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او جي ڪرسي تي ويهي پوليس کي داٻا ڏيڻ واري ڪيس ۾ عدالت زيد ٽالپر سميت ٽن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

zaid talpur

ڪنري ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او جي ڪرسي تي ويهي پوليس کي داٻا ڏيڻ واري ڪيس ۾ عدالت زيد ٽالپر سميت ٽن  جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

ڊسٽرڪٽ ايند سيشن جج عمر ڪوٽ جي عدالت ٻه مهينا اڳ ڪنري ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او  جي ڪرسي تي ويهي پوليس کي داٻا ڏيڻ واري ڪيس ۾پي ٽي آءِ اڳواڻ زيد ٽالپر سندس ڊرائيور ڪريم بگٽي ۽ ڪمدار لڇمڻ ميگھواڙ جي 50- 50 ھزار رپين جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

 عدالت 50- 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ تي ٽنهي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*