سکر ويجهو آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ بعد رينجرز ۽ موٽروي پوليس ٽينڪر کي گهيري ورتو

sukkur truck culti

سکر ويجهو آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ بعد رينجرز ۽ موٽروي پوليس ٽينڪر کي گهيري ورتو، جڏهن ته موٽروي پوليس ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر کي حراست ۾ وٺڻ بعد جهانگرو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

روهڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿي پيو، جنهن کان پوءِ رينجرز ۽ موٽروي پوليس ٽينڪر کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

موٽروي پوليس جي ترجمان  سرفراز خان چيو ته ٽينڪر ۾ 15 هزار لٽر ڊيزل موجود آهي، ڪلٽي ٿيل ٽينڪر جي ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر کي جهانگرو پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*