اپوزيشن جماعتون نوازليگ جي مقابلي لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويون

national assembly

اپوزيشن جماعتون نوازليگ جي مقابلي لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويون، اپوزيشن جماعتن جي اميدوارن پاران جمع ڪرايل الڳ الڳ نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم لاءِ نامزد نوازليگ اميدوار شاهد خاقان عباسي خلاف شيخ رشيد جا اعتراض رد ڪري ڪندي شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي فارم منظور ڪري ورتا.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم لاءِ نامزد نوازليگ اميدوار اپوزيشن ليڊر خورشيدشاهه، نويدقمر، ڪشور زهره، صاحبزاده طارق الله ۽ شيخ رشيد جا نامزدگي فارم منظور ڪيا.

نواز ليگ اميدوار شاهد خاقان عباسي وزيراعظم چونڊجڻ بعد پي ايم هائوس منتقل نه ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سندس خلاف اعتراضن ۾ ڪجهه هيو ئي نه، ته منظور ڪئين نه ٿين ها.

ٻي طرف خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان کي نوازليگ جو اڪيلي سر مقابلو ڪرڻ واري سوچ تبديل ڪرڻي پوندي، بيانن سان اپوزيشن اتحاد خطري ۾ پئجي سگهي ٿو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*