صوبائي گهرووزير سهيل انور سيال، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس عملدارن کي ايپڪيس ڪميٽي جي فيصلن مطابق غيرقانوني مدرسن جي نشاندهي ۽ فهرست ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي

sohail anwer siyal

صوبائي گهرووزير سهيل انور سيال، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس عملدارن کي ايپڪيس ڪميٽي جي فيصلن مطابق غيرقانوني مدرسن جي نشاندهي ۽ فهرست ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي.

سهيل  انور سيال هدايت ڪئي ته مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪمشنر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطي کي يقيني بڻائين.

صوبائي گهرو وزير چيو ته هٿيارن جي لائسنس جي تصديق ۽ فورٿ شيڊيول لسٽ جو به جائزو ورتو وڃي.

سهيل انور سيال، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس عملدارن کي ايپڪيس ڪميٽي جي فيصلن مطابق غيرقانوني مدرسن جي نشاندهي ۽ فهرست ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*