اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم طرفان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي

Lahore-registry-Court-3816

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم طرفان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب آرڊيننس تحت جنهن خلاف جاچ ٿي رهي هجي، ان شخص جي گرفتاري جو حڪم ڏئي سگهجي ٿو، سڀني جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪيا وڃن.

خدائي خدمتگار سماجي تنظيم پاران سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز، پٽ حسن، حسين نواز، رٽائرد ڪيپٽن صفدر ۽ اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب پرڏيهه فرار ٿي سگهي ٿو، پر ان باوجود نيب چيئرمين پاران نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جي گرفتاري جو حڪم نه ڏنو ويو آهي.

درخواست گذار موجب نيب آرڊيننس تحت جنهن خلاف جاچ جاري هجي، نيب چيئرمين ان شخص جي گرفتاري جو حڪم ڏئي سگهي ٿو.

درخواست گذار عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ گرفتاري جو حڪم ڏنو وڃي.

درخواست گذار سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي آهي ته نواز شريف سميت ٻين خلاف نيب ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*