ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪارروايون ڪندي 3 گينگسٽرز سميت 16 مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ هٿيارهٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

Karachi-Police-29517

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪارروايون ڪندي 3 گينگسٽرز سميت 16 مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ هٿيارهٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

لياري جي علائقي ۾ رينجرز ڪارروائيون ڪندي 3 گينگ وار  جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري ورتي.

 ذريعن موجب گرفتار جوابدارن لياري جي هڪ اهم سياسي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جو  اعتراف ڪيو آهي.

ذريعن موجب جوابدار قتل، بم ڌماڪن ۽ ٻين واردتن ۾ پوليس کي گهربل هئا، ڏوهارين جو تعلق زاهد لاڏلا گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي.

گرفتار ڪيل گينگ وار جوابدران ۾ حنيف انو، ذيشان عرف دانش ۽ منير شامل آهن.

مبينا ٽائون پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 5 جوابد ارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو،

ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب گرفتار جوابدارن ۾ ڪاشف، سراج السلام، عبدالستار، ياسر ۽قاسم شامل آهن

ايس ايس پي ملير موجب جوابدار گهرن ۾ ڌاڙ هڻندا هئا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جون  وارداتون ڪندا هئا.

ايس ايس پي رائو انواز موجب جوابدار ياسر کي سراج نالي شهري کان ڦرلٽ ڪرڻ دوران گرفتار ڪيو  ويو، جنهن جي قبضي مان هٿيار، ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ 20 هزار روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.

گذري ۽ ڪلفٽن ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن ياسين ۽ علي حسن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.

پير آباد واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي دوران 3 منشيات فروشن  کي سوگهو ڪري سندن قبضي مان منشيات هٿ ڪري ورتي، جڏهن ته سرجاني ٽائون ۾ هڪ جوابدار  کي پڪڙيو ويو جنهن جي قبضي مان هٿيار مليو.

اورنگي ٽائون جي مومن آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي  2 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*