فيض گنج ويجهو جوابدار فائرنگ ڪري حاضري تي عدالت ويندڙ اڳوڻي گهرواري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو

Faizganj-Murder-1817

فيض گنج ويجهو جوابدار فائرنگ ڪري حاضري تي عدالت ويندڙ اڳوڻي گهرواري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو.

مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي امن سي اين جي ڀرسان وين جي انتظار ۾ بيٺل ڪوٽ لالو واسڻ ناري شبانا مري کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس مقتولا ناري جو لاش فيض گنج اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

مقتولا ناري جي ڀاءَ علي شان مري چيو ته عدالت ۾ حاضري تي وڃڻ لاءِ گاڏي جي انتظار ۾ روڊ تي بيٺل هئاسين ته موٽرسائيڪل ۾ سوار ملوڪ مري ۽ سندس ساٿين فائرنگ ڪري ڀيڻ شبانه کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

هن چيو ته ڀيڻ شبانا مري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*