اسان صادق به آهيون، امين به آهيون ۽ اسان نواز شريف آهيون،نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق

Saad-Rafique-1817

نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان صادق به آهيون، امين به آهيون ۽ اسان نواز شريف آهيون، شاهد خاقان عباسي 235 ووٽ کڻي وزيراعظم بڻجي ويندو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته نواز ليگ هڪ دفعو ٻيهر فخر سان ڪامياب ٿيندي ۽ شاهد خاقان عباسي 235 ووٽ کڻي وزيراعظم بڻجي ويندو.

هن چيو ته جمهوريت عوام سان گڏ آهي، اقتدار اختيار سان گڏ ۽ رياست آئين سان گڏ آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته رنڊڪن ۽ سازشن باوجود نواز شريف جي پاڪستان کي اڳتي وڌايو ويندو.

خواجا سعد رفيق چيو ته اسان صادق به آهيون، امين به آهيون ۽ اسان نوازشريف آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*