قومي وطن پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي وزيراعظم لاءِ پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ANP--QWP-1817

قومي وطن پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي وزيراعظم لاءِ پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جون ڪوششون رڳو جمهوريت لاءِ هئڻ گهرجن.

قومي وطن پارٽي جي اڳواڻ آفتاب شير پائو مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان فون تي رابطو ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده صورتحال سميت نئين وزيراعظم جي چونڊ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

قومي وطن پارٽي جي اڳواڻ آفتاب شير پائو وزارت عظميٰ لاءِ پ پ جي نامزد اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪيو، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي به پي پي اميدوار جي حمايت ڪئي.

مسلم ليگ قاف اڳواڻ پرويز الاهي ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ به ٽيليفون تي رابطو ٿيو، نئين وزيراعظم جي چونڊ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

خورشيد شاهه کيس چيو ته مخالف ڌر جي اجلاس ۾ اچو ته سمورن معاملن تي صلاح مشورو ڪيو ويندو اسان جون ڪوششون رڳو جمهوريت لاءِ ئي هئڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*