سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سميت صوبي جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار آهي

Karachi-Rain-Weather-1817

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سميت صوبي جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار آهي، موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب، ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جا امڪان آهن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گھٽ گرمي پد 27 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 سينٽي گريڊ پهچڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هوا 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهي آهي، جيڪا وڌي 36 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾  برسات جو امڪان آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*