توهائي بحران جو حل صرف سنڌ وٽ ئي آهي، گهارو ۽ جهمپير ونڊ منصوبن سان 785 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي, وڏي وزير سيد مراد علي شاهه

Syed-Murad-Ali-Shah-1817

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته توهائي بحران جو حل صرف سنڌ وٽ ئي آهي، گهارو ۽ جهمپير ونڊ منصوبن سان 785 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ورلڊ بينڪ جو توانائي بابت سيمينار ٿيو، سيڪريٽري آغا واصف پاران توائي جي اسڪوپ  تي بريفنگ ڏني وئي.

توانائي کاتي سنڌ ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ سولر توانائي بابت معاهدي تي صحيح ڪئي وئي  وئي.

ان موقعي تي ڊبليو بي ڊائريڪٽر چيو ته سنڌ پهريون صوبو جنهن متبال توانائي لاءِ زمين رکي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گهارو ۽ جهمپير ونڊ منصوبن سان 785 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.

وڏي وزير چيو ته اسان سنڌ ۾ اسڪولن کي سولر توانائي تي منتقل ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهيون.

مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ جو 42 سيڪڙو تيل پيدا ڪندڙ سنڌ ئي ملڪي توانائي وارو مسئلو حل ڪري سگهي ٿي.

واضح رهي ته ورلڊ بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچامٿو ايلانگوون منصوبن جي ضررت تي به خطاب ڪندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*