واهي پانڌي ۾ صحت جي سهولتن جي اڻهوند خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو

Wahi-Pandi-Relly-1817

واهي پانڌي ۾ صحت جي سهولتن جي اڻهوند خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

ڪارڪنن غلام رسول لغاري  عبدالڪريم لغاري، عطا برهماڻي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ اسپتال کان ريلي ڪڍي شھر جي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

   ان موقعي اڳواڻن ٻڌايو ته واهي پانڌي اسپتال ۾ علاج جون ڪي به بنيادي سهولتون نه آهن، ايمبولينس، ليبارٽري، ڇتي ڪتي ۽ نانگ جي ويڪسين سميت ٽُڪا  به موجود نه آهن .

هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ علاج جون سهولتون ڏئي ڊاڪٽر کي بدلي ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*