ترقي ۽ خوشحالي جي مخالف سياسي عنصرن کي 2018ع جي چونڊن ۾ به شڪست نصيب ٿيندي،پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف

Shahbaz-sharif-Punjab-1817

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ترقي ۽ خوشحالي جي مخالف سياسي عنصرن کي 2018ع  جي چونڊن ۾ به شڪست نصيب ٿيندي، نواز شريف مقبول ليڊر آهي جيڪو عوام جي دلين ۾ رهندو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف مقبول ليڊر آهي ۽ هو عوام جي دلين ۾ رهي ٿو.

هن چيو ته مخالفن کي ترقي جو فائدو عوام کي ملڻ تي تمام گهڻي تڪليف پهچي رهي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ مڪمل ٿيل ميگا پروجيڪٽس مان عوام کي ريليف ملي رهيو آهي.

شهباز شريف چيو ته ترقي ۽ خوشحالي  جي مخالف سياسي عنصرن کي 2018ع جي چونڊن ۾ به شڪست نصيب ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*