باليووڊ جي سپر اسٽار عامر خان جي نئين فلم “سيڪريٽ سپر اسٽار” جو پهريون ٽيزر جاري ڪيو آهي

Secret-Superstar-Aamir-Khan-1817

باليووڊ جي سپر اسٽار عامر خان جي نئين فلم “سيڪريٽ سپر اسٽار” جو پهريون ٽيزر جاري ڪيو آهي، فلم جو ٽريلر 4 آگسٽ تي جاري ڪيو ويندو.

ڪرن رائو ۽ عامر خان جي پراڊڪشن هيٺ ٺهندڙ فلم ۾ هڪ اهڙي نوجوان ڇوڪريءَ جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو آهي جيڪا ميوزڪ سان چاهه رکي ٿي.

فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته گهر ۾ سختين سبب ڇوڪري پنهنجي ميوزڪ وڊيو برقعي ۾ رڪارڊ ڪري يو ٽيوب تي اپلوڊ ڪري ٿي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي يو ٽيوب تي وڏي ڪاميابي ماڻي وٺي ٿي.

فلم ۾ عامر خان به اهم ۽ منفرد ڪردار ۾ نظر ايندو، فلم کي ڀارت ۾ هوليءَ تي رليز ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*