خانپور مھر ويجهو پاڻي جي واري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Khanpurmahar-lund-bardari-jharo-7-zakhma-protest-1817

خانپور مھر ويجهو پاڻي جي واري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ڌر پاران احتجاج ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ لنڊ بازار ۾ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري 7ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ علي گوھر، علي گل، عابد لنڊ، خادم لنڊ ۽ گل بھار سميت ٻيا شامل آهن، جن کي تعلقي اسپتال خانپور مھر داخل ڪرايو ويو آھي.

 واقعي جو ڪيس 6 ماڻھن خلاف داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ھڪ ڌر جي ماڻھن علي گوھر لنڊ  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته خادم ۽ شاھنواز واري ڌر حملو ڪري اسان جي پنج ماڻھن کي زخمي ڪيو آھي،کين گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*