سکر ۽ روهڙي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل اماڻڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو چيف جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

sukk wapda pro

سکر ۽ روهڙي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل اماڻڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو چيف جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

سکر ڊيولپمينٽ الائنس جي سڏ تي شهرين جاويد ميمڻ ۽ عبيدالله ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد گهنٽا گهر چوڪ تي سيپڪو چيف جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

اڳواڻن چيو ته سيپڪو عملدارن سکر ۽ روهڙي شهرن ۾ 14 کان 16 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سکر ۽ روهڙي شهرن ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*