ميرپور بٺوري جي تعلقي اسپتال ۾ عملي جي مبينا زيادتين ۽ صحت جي سهولتن جي اڻهوند خلاف شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو

mirpur batoro

ميرپور بٺوري جي تعلقي اسپتال ۾ عملي جي مبينا زيادتين ۽ صحت جي سهولتن جي اڻهوند خلاف شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

سماجي تنظيم امير البحِر طرفان  شهرين جي وڏي تعداد ڊاڪٽر نوراحمد ملاح، محمد بُنڙو ، ناٿو سانداڻي ۽ يوسف ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ اڇيءَ موريءَ کان احتجاجي ريلي ڪڍي تعلقي اسپتال جي گيٽ تي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسپتال ۾مريضن کي علاج جي ڪابه سهولت ميسرنه آهي، علائقي جا غريب ماڻهو مفت علاج جي سهولت کان محروم ٿي ويا آهن.

هنن چيو ته دوائون نه ملڻ جي شڪايت ڪندڙ مريضن ۽ سندن وارثن سان اسپتال جي عملي جا جهيڙا معمول بڻجي ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪري، مريضن سان زيادتيون ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*