سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ غير ملڪي فنڊنگ ۽ عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ غير ملڪي فنڊنگ ۽ عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي آهي، وڪيل اڪرم شيخ پاران پي ٽي آءِ جي فنڊن واري ڪيس جي جاچ حڪومت کان ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي، چيف جسٽس چيو ته حڪومت کي جاچ لاءِ عدالتي هدايت جي ضرورت نه آهي، پاڻ جاچ ڇو نه ٿي ڪري.

چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس فيصل عرب جي ٻڌل ٽه رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي غيرملڪي  فنڊنگ ۽ عمران خان جي نااهلي ڪيس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمران خان جي وڪيل انور منصور کان سوال ڪيو ته ڇا اها ڳالهه درست آهي ته پي ٽي آءِ يو ايس ايل ايل سي اوهان جي ايجنٽ آهي، جيڪا منع ٿيل فنڊ پاڪستان موڪلي ته ڇا اهي قبول ڪرڻ گهرجن.

پي ٽي آءِ جي وڪيل اعتراف ڪندي چيو ته يو ايس ايل ايل سي اسان جا ايجنٽ آهن. پر عمران خان ته هميشه منع ٿيل فنڊ نه وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن به منع ٿيل فنڊ آيا ته اسان انهن کي واپس ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس چيو ته پوليٽڪل پارٽيز ايڪٽ، عوامي نمائندگي ايڪٽ ۾ غلط سرٽيفڪيٽ تي نااهلي جي سزا جو ذڪر ناهي، قانون ۾ غلطي ۽ ان جي نتيجن جو لکيل آهي، قانون ۾ منع ٿيل فنڊ ضبط ڪرڻ جو ذڪر آهي، ته ان تي نااهل ڪيئن ڪري سگهجي ٿو.

عمران خان جي وڪيل چيو ته غيرملڪي ڪمپني کان فنڊ وٺن واري معاملي جو نوٽيس مليو هو، ايجنٽ قانون ۽ هدايتن تي عمل ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ به پيش ڪيو، جڏهن ته آمريڪا ۾ اندر فنڊز وٺڻ تي پابندي نه آهي.

ان موقعي تي جسٽس فيصل عرب چيو ته  فارن ايجنٽ رجسٽريشن ايڪٽ تحريڪ انصاف جي ريگوليٽر ناهي، جنهن تي حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته فارا جي ويب سائيٽ تي سڄي ڄاڻ موجود آهي، تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته ويب سائيٽ ڏسي سگهجي ٿي، اهو چوڻ ايجنٽ جي غلطي آهي، درست نه آهي.

چيف جسٽس عمران خان جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا اهڙي لسٽ آهي، جنهن ۾ ڪارپوريشنز مان غيرملڪي فنڊز ورتا ويا هجن، ڇا اوهان فنڊز جا تفصيل  فارا کي ڏنا ايندا آهيو ۽ جيڪا لسٽ فارا جي ويب سائيٽ تي آهي، ان تي وڪيل اڪرم شيخ مختلف ڇو چئي رهيو آهي.

جنهن تي وڪيل انور منصور چيو ته اسان وٽ پنهنجي فنڊن جا تفصيل موجود آهن، ايجنٽ کي هڪ دائري اندر رهي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. جيڪا هن جي ذميواري به آهي.

چيف جسٽس سوال ڪيو فنڊنگ جي رقم ضبط ٿي سگهي ٿي، نااهل نٿو ڪري سگهجي، ڇا فرضن ۾ غفلت ڪرڻ تي ڪنهن کي نااهل ڪيو وڃي. جنهن تي حنيف عباسي جي وڪيل چيو ته اوهان آبزرويشنز هيڊ لائينز ٺاهي ڇڏيندا، منهنجي ڳالهه ٻڌڻ بنا آبزويشن ڏنو ته ناڪاري اثر پوندا.

حنيف عباسي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ  جي ايجنٽ حاجي نصرالله غير ملڪي، ملٽي ڪارپوريشنز، ڀارتي ڪمپنين ۽ شهرين کان رقم وٺي پاڪستان آندي، جڏهن  ته حاجي نصرالله سرٽيفڪيٽ ڏنو ته هو ايجنٽ آهي، ڪو به منع ٿيل فنڊ نه ورتو آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ايجنٽ سياسي جماعت جا نمائيندا نٿا ٿي سگهن، چيف جسٽس چيو ته عمران خان قانون خلاف فنڊ نه وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي، ان لاءِ ذميواري ۾ لاپرواهي تي نااهلي ٿي سگهي ٿي.

چيف جسٽس اڪرم شيخ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جيڪي دليل ڏئي رهيا آهيو اهي جواب الجواب ۾ نه ڏنا ويندا آهن، جنهن تي اڪرم شيخ چيو ته عدالت 500 رپيا بينڪ اڪائونٽ لڪائڻ تي به ماڻهن کي نااهل قرار ڏنو آهي.

اڪرم شيخ چيو ته تحريڪ انصاف پاران جمع ڪرايل دستاويز  فارا موجب ناهن، پي ٽي آءِ تسليم ڪيو هو ته ڪيليفورنيا مان 11 لک 66 هزار ڊالر ورتا، دنيا ۾ ڪٿي به ايئن نه ٿيندو آهي ته فنڊنگ جا ذريعا نه پڇيا وڃن. آمريڪا مان پيسا اچڻ خطرناڪ ڳالهه آهي. جنهن تي جسٽس فيصل عرب چيو ته اها هڪ سٺي ڳالهه آهي ته پرڏيهي ملڪ مان فنڊز اچي رهيا آهن، ڇا حڪومتون پيسا نه وٺنديون آهن.

حنيف عباسي جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪاغذ پاڻ ئي چئي رهيا آهن اسان جعلي آهيون، ڇا عدالت ان سلو جي مستحق آهي  ته اهڙا ڪاغذ  ڏنا وڃن. جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته جعلي ڪاغذ ٺاهڻا هجن ها ته ڪسٽم اڪائونٽ لاءِ نه لکون ها…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*