پي ٽي آءِ ايم اين اي عائشه گلا لئي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عائشه گلا لئي چيو آهي ته ٻه نمبر ماڻهو پاڻ کي پٺاڻ سڏائي رهيا آهن

aysha gulalai pta

پي ٽي آءِ ايم اين اي عائشه گلا لئي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عائشه گلا لئي چيو آهي ته ٻه نمبر ماڻهو پاڻ کي پٺاڻ سڏائي رهيا آهن، پي ٽي آءِ ۾ عورتن جي عزت نٿي ڪئي وڃي.

عائشه گلا لئي نئين وزيراعظم لاءِ ٿيندڙ ووٽنگ ۾ به حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

عائشه گلالئي چيو آهي ته پارٽي اندر سندس ڪيترائي ڀيرا تذليل ڪئي وئي، احتجاج به ڪيو پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو.

هن چيو ته احتجاج باوجود نوٽيس نه وٺڻ تي تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هاڻ واپسي جا سمورا دروازا بند ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته تمام جلد پريس ڪانفرنس ڪري عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪنديس.

عائشه گلالئي چيو ته پارٽي ورڪرز ڪرپشن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، پي ٽي آءِ ۾ عورت ميمبرز لاءِ به ڪا عزت نه آهي

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته عائشه گلالئي ڪي پي ۾ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ امير مقام سان ملاقات به ڪئي آهي، امڪان آهي ته هوءَ نواز ليگ ۾ شامل ٿي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*