نواز شريف جي نااهلي بعد وزارت عظميٰ لاءِ نون ليگ جو نامزد اميدوار شاهد خاقان عباسي 221 ووٽ کڻي ملڪ جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي

PM-Pakistan-1817

نواز شريف جي نااهلي بعد وزارت عظميٰ لاءِ نون ليگ جو نامزد اميدوار شاهد خاقان عباسي 221 ووٽ کڻي ملڪ جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي، پ پ جي نويد قمر کي 47 ووٽ مليا، پي ٽي آءِ جي وزارت اعظميٰ لاءِ اميدوار شيخ رشيد کي 33 ووٽ ملي سگهيا آهن، جڏهن ته 32 ميمبر ايوان مان غيرحاضر رهيا.

نواز شريف جي نااهل ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي ۾ نون ليگ جو نامزد اميدوار شاهد خاقان عباسي 221 ووٽ حاصل ڪري قائد ايون چونڊجي ويو آهي، شاهد خاقان عباسي 45 ڏينهن لاءِ ملڪ جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي.

نون ليگ جو اميدوار شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبلي جي 342 ميمبرز جي ايوان مان 221 ووٽ حاصل ڪيا، پيپلزپارٽي جي اميدوار سيد نويد قمر الزمان کي 47، پي ٽي آءِ اميدوار شيخ رشيد کي 33 ۽ جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله 4 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.

نئين وزيراعظم جي چونڊ واري مرحلي دوران اي اين پي ۽ قومي وطن پارٽي ووٽنگ واري عمل ۾ حصو نه ورتو، ووٽنگ واري عمل ۾ عمران خان سميت 32 ميمبر ايوان مان غير حاضر رهيا، جڏهن ته جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان به شاهد خاقان جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*