عدالتي فيصلي سان نون ليگ ۾ ڪي به ڏار نه پيا، هڪ ٻي وڏي عدالت به لڳڻي آهي جنهن ۾ ڪا به جي آءِ ٽي نه هوندي,نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

Shahid-Khaqan-Abbas-Pm-1817

نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوازشريف جي نااهلي واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اسان عمل ڪيو پر قوم ان فيصلي کي تسليم نه ڪيو آهي، عدالتي فيصلي سان نون ليگ ۾ ڪي به ڏار نه پيا،  هڪ ٻي وڏي عدالت به لڳڻي آهي جنهن ۾ ڪا به جي آءِ ٽي نه هوندي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته نئون قائد ايوان چونڊڻ لاءِ ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، جن پارٽين ووٽ ڏنو انهن جو به ٿورائتو آهيان.

هن چيو ته نواز شريف جو قصور اهو آهي ته هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو.

سندس چوڻ هو ته  هِن عدالت کان به وڏي هڪ عدالت لڳندي، جتي جي آءِ ٽي موجود نه هوندي، اسان اتي به گواهي ڏينداسين ته نواز شريف ڪڏهن به ڪرپشن ناهي ڪئي.

هن چيو ته مان اڄ هتي پهچي خوش ناهيان، ڇو ته سياست اڄ گار بڻجي چڪي آهي.

شاهد خان عباسي چيو ته هن ملڪ جي آئين مطابق ملڪ کي هلڻو آهي، اپوزيشن، حڪومت، فوج ۽ ٻيا ادارا سڀ هڪ ٻيڙي ۾ سوار آهن، ٻيڙي کي سوراخ ٿيندو ته سڀ ٻڏي وينداسين.

نئين چونڊيل وزيراعظم چيو ته  مان 45 ڏينهن لاءِ آهيان پر 45 مهينن جو ڪم ڪندس، سڀ کان وڌيڪ اڪانامي جي ڳالهه آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*