عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي،بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal-Bhutto-24217

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، سياسي جماعتن اندر عورتن جي عزت محفوظ نه هئڻ انتهائي افسوسناڪ آهي.

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عائشا گلالئي جي انڪشافن تي افسوس آهي، عورتن جي عزت ۽ غيرت جو محفوظ نه هجڻ سياست تي داغ آهي.

هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ عائشا گلالئي طرفان عمران خان تي لڳايل  الزامن بابت جاچ ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته پ پ عورتن جي حقن ۽ انهن جي عزت تي ڪَکُ به برداشت نه ڪندي.

هوڏانهن پ پ اڳواڻ شيري رحمان به ٽوئيٽر تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته وڌيڪ هڪ پڙهيل لکيل عورت پي ٽي آءِ کي ڇڏي ڏنو.

هن چيو ته ايم اين اي عائشا گلالئي پارٽي ۾ عورتن جي حيثيت جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*