وزارت عظميٰ جي اميدوار شيخ رشيد شاهد خاقان عباسي کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته نئون وزيراعظم 45 ڏينهن لاءِ آيو آهي

Shaikh-Rasheed-1817

وزارت عظميٰ جي اميدوار شيخ رشيد شاهد خاقان عباسي کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته نئون وزيراعظم 45 ڏينهن لاءِ آيو آهي پر مون کي پڪ آهي ته انهن 45 ڏينهن ۾ وڏي برڪت پوندي، بهتر ٿئي ها ته نئون چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايوان ۾ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي بابت پاليسي بيان ڏئي ها.

شيخ رشيد نئين قائد ايوان چونڊجڻ تي شاهد خاقان عباسي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته، اڄ بهتر ٿئي ها ته نئون چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پرڏيهي پاليسي تي بيان ڏئي ها.

شيخ رشيد چيو ته شاهد خاقان کي 45 ڏينهن لاءِ وزيراعظم چونڊيو ويو آهي پر مونکي پڪ آهي ته 45 ڏينهن ۾ تمام وڏي برڪت ايندي.

شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ مان آٽوميٽڪ هٿيارن جا لائسنسز جاري ڪرڻ اڳ جاري ڪيل لائسنسز رد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پر ملڪ مان هٿيار ختم ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي.

هن چيو ته نون ليگ جي حڪومت پهريان ئي ملڪ کي 33 ارب ڊالرز جو قرضي بڻائي ڇڏيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*