وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي قيادت هيٺ نئين وفاقي ڪابينا اڄ حلف کڻي رهي آهي

national assembly

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي قيادت هيٺ نئين وفاقي ڪابينا اڄ حلف کڻي رهي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري نثار علي نئين ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اڄ ايوان صدر ۾ ساڍي ڇهين وڳي هڪ تقريب دوران صدر ممنون حسين نئين وفاقي ڪابينا ۾ شامل وزيرن کي حلف کڻائيندو.

ذريعن موجب نئين وفاقي ڪابينا ۾ اڪثر پراڻا چهرا نظر ايندا، خواجه آصف، خواجا سعد رفيق، عبدالقادر بلوچ، خرم دستگير، احسن اقبال، سڪندر ٻوسڻ، عابد شير علي، صدر الدين شاهه ۽ غلام مرتضيٰ جتوئي کي ٻيهر ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو کاتي واري اڳوڻي وزير چوڌري نثار نئين ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ امڪان آهي ته اسحاق ڊار کي ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*