دنيا جي عظيم ايٿليٽ جميڪا جي يوسين بولٽ چيو آهي ته

usain bolt

دنيا جي عظيم ايٿليٽ جميڪا جي يوسين بولٽ چيو آهي ته کيس هڪ سو مِيٽر ڊوڙ ۾ ڪابه مشڪل پيش نه ٿيندي آهي.

لنڊن ۾ هڪ تقريب دوران اسٽآر اسپرنٽر يوسين بولٽ کي اسپورٽس جوتا گفٽ ڪيا ويا.

هڪ ڪمپني پاران منعقد ٿيل تقريب ۾ جوتن جي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو يوسين بولٽ کي جوتا گفٽ ڪيا.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته کيس هڪ سو ميٽر ڊوڙ جي ايونٽ ۾ ڪابه مشڪل پيش نه ايندي آهي،جنهن سبب هو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ منعقد ٿيل هڪ سو ميٽر ڊوڙ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو آهي.

هن چيو ته هو لنڊن ۾ رٿيل ايٿليٽڪس جي عالمي مقابلن ۾ نئين ڪمپني جا جوتا پائي هڪ سو ميٽر ڊور ۾ شرڪت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*