قومي سليڪشن ڪميٽي هيڊڪوچ مڪي آرٿر سان صلاح مشوري سان سري لنڪا خلاف ٽنهي فارميٽ لاءِ امڪاني رانديگرن جي لسٽ تيار ڪري ورتي آهي

pcb

قومي سليڪشن ڪميٽي هيڊڪوچ مڪي آرٿر سان صلاح مشوري سان سري لنڪا خلاف ٽنهي فارميٽ لاءِ امڪاني رانديگرن جي لسٽ تيار ڪري ورتي آهي.

سمورن رانديگرن کي لاهور ۾ تربيتي ڪميپ ۾ گهرايو ويندو،جنهن بعد 15 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيوويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان فٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل کي ڪنهن به فارميٽ لاءِ پاڪستان جي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.

ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ جي ڪامياب ڪرڪيٽر فواد عالم کي سليڪٽر موقعو فراهم ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آهن، جڏهن ته صاحبزاده فرحان، آلرائونڊر عامر يامين ، اوپنر امام الحق کي موقعو ڏنو ويندو.

بلال آصف کي ون ڊي ۽ ٽيسٽ سيريز ، جڏهن ته ليگ اسپنر ياسر شاهه کي ون ڊي سيريز ۾ چانس ڏنو ويندو.

يونس خان ۽ مصباح الحق جي جاءِ تي حارث سهيل ۽عثمان صلاح الدين کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان فٽ عمراڪمل کي ڊسپلين جي خلاف ورزين سبب وڌيڪ سبق سيکارڻ خاطر کيس ٽنهي فارميٽ جي ٽيمن مان ٻاهر ڪيو ويو آهي.

سليڪشن ڪميٽي شروع ۾ 20 رانديگرن کي ڪيمپ ۾ شامل ڪندي، جنهن بعد 15رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو.

احمد شهزاد ۽ محمد حفيظ کي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*