پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ايندڙ سال جنوري ۾ رٿيل سيريز جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي

Pakistan-Newzeland-41116

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ايندڙ سال جنوري ۾ رٿيل سيريز جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز  6 جنوري کان 28 جنوري تائين جاري رهندي، جنهن دوران پنج ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ميچز کيڏيون وينديون.

ٻنهي ٽيمن وچ پهرين ون ڊي ميچ 6 جنوري تي کيڏي ويندي، ٻي ون ڊي 9 جنوري تي ٽيئن ون ڊي 13 تي ، چوٿين ون ڊي 16 ۽ سيريز جي آخري ۽ پنجين ون ڊي ميچ 19 جنوري تي کيڏي ويندي.

ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 22 جنوري ٻين ميچ 25 ۽28 جنوري تي آخري ميچ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*