قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته

Mickey-Arthur-pakistam-211016

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته لاهور ۾ جاري سمر ڪيمپ سان نوجوان رانديگرن کي فٽنس بهتر بڻائڻ جو سٺو موقعو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڪاميابي بعد ٽيم کي هاڻي سري لنڪا سان مڪمل سيريز کيڏڻي آهي.

هن چيو ته لاهور ۾ نوجوان رانديگرن جي فٽنس ڪيمپ جاري آهي،جنهن ۾ فٽنس سان گڏ فيلڊنگ ، بيٽنگ ۽ بالنگ جي بهتري تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيون.

مڪي آرٿر چيو ته لاهور جي ڪيمپ ۾ شريڪ سمورا رانديگر ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن ۽ رانديگرن کي هن ڪيمپ مان وڏو فائدو رسندو.

مڪي آرٿر چيو ته قومي ٽيم چيميپئنز ٽرافي بعد سيريز لنڪا سيريز مڪمل سيريز کيڏڻي آهي، جنهن بعد ٽيم کي نيوزيلينڊ جو دورو ڪرڻو آهي.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيو هو گهڻُو پراميد آهي ته ٽيم سري لنڪا ۽ نيوزيلينڊ خلاف رٿيل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*