ڪي پي ڪي جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي

rain

ڪي پي ڪي جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، بنون ۾ تيز هوا ۽ برسات سبب گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

بنون سميت ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا ۽ برسات سبب  اسڪول سميت 6 گهرن جون ڇتيون ڪري پيون، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

چارسده جي علائقي شبقدر  ۾ برسات سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڀتيون ڪري پيون، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

پشاور، سيالڪوٽ، ڊسڪه ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح بلند  ٿيڻ سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوهاٽ ۾ 81 ملي ميٽر برسات ٿي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران پشاور ۾ 43 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*