پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ينگ ڊاڪٽر جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به هڙتال جو سلسلو جاري آهي

young doctors hartal

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ينگ ڊاڪٽر جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به هڙتال جو سلسلو جاري آهي، خيبر پختونخواهه ۾ به ينگ ڊاڪٽرز هڙتال شروع ڪري ڏني آهي.

پنجاب ۾ ينگ ڊاڪٽرز سينٽرل انڊڪشن پاليسي واپس وٺڻ ۽ ٻين مطالبن جي منظوري لاءِ گذريل ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن.

لاهور جي مختلف اسپتالن ۾ ينگ ڊاڪٽرن جي او پي ڊيز جي بائيڪاٽ سبب مريض ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ينگ ڊاڪٽرز فيصل آباد جي الائيڊ ۽ سول اسپتال ۾ او پي ڊيز سان گڏ آئوٽ ڊور ۽ ايمرجنسي ۾ ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب مريضن کي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.

رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال ۽ ملتان جي نشتر اسپتال سميت صوبي جي مختلف اسپتالن ۾ به ينگ ڊاڪٽرز جو احتجاج جاري آهي.

پشاور سميت ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ به ينگ ڊاڪٽرز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج شروع ڪري ڏنو آهي، اوپي ڊيز جي بائيڪاٽ سبب مريضن کي ڏکيائيون پيش آيون…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*