افغانستان جي شهر هرات ۾ مسجد ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو

afghanistan blast

افغانستان جي شهر هرات ۾ مسجد ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو، 60 کان وڌيڪ زخمين مان ڪيترن جي ئي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

افغان ميڊيا موجب آپگهاتي بمبار جواديه مسجد ۾ داخل ٿي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، جڏهن ته سندس ساٿي هٿياربند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

افغان اختيارين موجب زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ نيو ويو، جتي وڌيڪ 20 زخمين دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو.

افغان پوليس جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار پاڻ کي اڏائڻ کان اڳ مسجد جي احاطي ۾ فائرنگ ڪئي، حملي آورن مسجد تي گرنيڊ به اڇلايا.

افغان گورنر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملي ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، جن مان ڪيترن جي  جي حالت نازڪ هئڻ ڪري مارجي ويلن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*