ڪرڪيٽ جي تاريخ جو 11هون ورلڊ ڪپ سڀاڻي شروع ٿي رهيو آهي

11هون ڪرڪيٽ ورلڊڪپ سڀاڻي شروع ٿي رهيو آهي، ميگا ايونٽ ۾ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي.

گذريل ڏينهن ميگا ايونٽ جي افتتاحي تقريب آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۽ نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽيمن ۽آفيشلز سان گڏ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

11هين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي طورتي دنيا جون 14 ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن، جن کي ٻن گروپس ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي.

پول اي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سري لنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيمون شامل آهن.

پول بي ۾ ڏکڻ آفريڪا، انڊيا، پاڪستان، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽گڏيل عرب امارتن جي ٽيمون شامل آهن.

سڀاڻي ميگا ايونٽ جي پهرين ميچ نيوزيلينڊ ۽ سري لنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته سڀاڻي جي ٻي ميچ ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ٽيمون هڪ ٻئي جي سامهون ٿينديون.

پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون پنهنجي پهرين ميچ 15 فيبروري تي کيڏنديون.

واضح رهي ته ڀارتي ٽيم ميگا ايون ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*