اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته نوازشريف جي ايوان ۾ تصوير کڻي اچڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي

khursheed shah isb

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته نوازشريف جي ايوان ۾ تصوير کڻي اچڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي، حڪومت خالي خزاني کي ڀرڻ لاءِ ڊيزل تي 7 سيڪڙو ۽ پيٽرول تي 3 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لڳائي امير ۽ غريب کي لُٽي رهي آهي، گلا لئي جي الزام جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هڪ اڻڄاڻ شخص پاران نوازشريف جي تصوير پارليامينٽ ۾ رکڻ تي جانبداري جو مظاهرو ڪيو.

هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي اهڙي معاملي تي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ ڪڏهن به ڪا تصوير پارليامينٽ ۾ ناهي آندي.

اپوزيشن ليڊر چيو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي رويي مان بادشاهت نظر اچي رهي آهي. ان  عمل سان  جمهوير سسٽم کي نقصان پهچندو.

خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي نوازشريف قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو ۽ سندس تصوير پارليامينٽ جي اندر کڻي اچڻ درست عمل نه آهي.

هن چيو ته گيلاني جي دور ۾ به ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي تصوير قومي اسيمبلي ۾ آندي هئي.

عائشه گلا لئي جي معاملي تي ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته عائشه گلا لئي جو معاملو افسوس جوڳو عمل ۽ ڏوهه آهي، عورت ڪڏهن به پاڻ مٿان الزام ناهي لڳائيندي.

هن چيو ته عائشه گلا لئي جي حقيقت ڇا آهي، ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي،انهي خوف جي ڪري عورتون گهرن کان ٻاهر ناهن نڪرنديون.

اپوزيشن ليڊر چيو ته اوگرا جي قيمتون گهٽائڻ واري تجويز کي رد ڪرڻ افسوس جوڳ آهي.

هن چيو ته عوام جي اکين ۾ مرچ وڌا پيا وڃن، قيمتون برقرار ناهن ۽ ٽيڪسز ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته واضح آهي ته حڪومت اڻ سڌي طرح ٽيڪس لڳائڻ تي يقين رکي ٿي.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت خالي خزاني کي ڀرڻ لاءِ ڊيزل تي 7 سيڪڙو ۽ پيٽرول تي 3 سيڪڙو ٽيڪس واڌ ڪئي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*