نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته بليڪ بيري ميڊيا آڏو پيش ڪري

hanif abbasi isb

نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته بليڪ بيري ميڊيا آڏو پيش ڪري، حنيف عباسي چيو آهي ته عمران خان تي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهل ثابت ٿي چڪو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حنيف عباسي چيو ته عائشه گلا لئي قوم جي ڌيءُ آهي، سندس الزامن جي جاچ نه ٿي ته اسان سمجهنداسين ته انصاف جو جنازو نڪري ويو.

حنيف عباسي چيو ته تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ ويندڙ مائرون ڀينرون ٻيهر نه وڃن، ڇاڪاڻ ته اتي سندن تقدس پائمال ٿيندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*