باڊھه ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ مختلف پاڙن جا سڙي ويل ٽرانسفامر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي

badah shehri ahtjasj

باڊھه ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ مختلف پاڙن جا سڙي ويل ٽرانسفامر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي.

ڪامريڊ قادر بروهي ۽ دودو ديشي جي اڳواڻي ۾ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سيپڪو عملدار ڄاڻي واڻي شھر ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته سيپڪو عملدار شھر جي مختلف پاڙن دين محمد بروهي، حيدر چوڪ، ٿاڻو روڊ  ۽ غازي چوڪ جا سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شھر مان بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪري سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*