ٺل ويجهو مرزا شاخ کي سرڪي واھه وٽ لڳل 30 فوٽ گھارو 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجو بند ٿي نه سگھيو

thul mirza canal gharo

ٺل ويجهو مرزا شاخ کي سرڪي واھه وٽ لڳل 30 فوٽ گھارو 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجو بند ٿي نه سگھيو،گھاري سبب سوين ايڪڙ تي بيٺل  ساريالو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

آبادگار محمد بخش کوسو،سڪندر سرڪي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته مرزا واهه کي لڳل گهاري بابت آبپاشي عملدارن کي آگاهه ڪيو ويو پر 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪو به عملدار گھاري واري ھنڌ  نه پھتو آهي.

 هنن چيو ته مرزا واهه کي لڳل گهاري سبب اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته مرزا واهه کي لڳل گهاري سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*