ٺل جي مين پرائمري اسڪول ۾ گٽرن جو گندو پاڻي داخل ٿيڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاج ڪيو

thul school

ٺل جي مين پرائمري اسڪول ۾ گٽرن جو گندو پاڻي داخل ٿيڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاج ڪيو.

استاد جاويد بروهي ۽ عبدالستار جي اڳواڻي ۾ شاگردن احتجاج ڪندي گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

هنن چيو ته ڪيتري وقت کان گٽرن جو پاڻي اسڪول ڏانهن ڇڏيو پيو وڃي، استادن ۽ شاگرد پريشانين کي منهن ڏين پيا، پر ڪو به عملدار ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

 هنن صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسڪول مان گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪري آزار ختم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*