گهوٽڪي ويجهو 12 سالن جو نينگر پنج ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو

ghotkimap11-9

گهوٽڪي ويجهو 12 سالن جو نينگر پنج ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن پاران ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ غازي مهر جو رهواسي 12 سالن جو نينگر صادق علي مهر 5 ڏينهن اڳ ڳوٺ کان شهر  ويو، جتان واپس نه آيو آهي.

زاهد علي مهر عادلپور ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي چيو سندس ڀاءَ 12سالن جو صادق علي 29 جولاءِ تي شهر ويو جتان واپس ڳوٺ نه آيو آهي.

هن چيو ته ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود ڀاءَ صادق علي جو ڪٿي به ڏس پتو نه مليو آهي، اسان کي شڪ آهي ته کيس ڪنهن اغوا ڪيو آهي.

زاهد علي مهر چيو ته  اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، پوليس ڀاءَ صادق علي جي ڳولا ۾ مدد ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*