صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پاران وڏي وزير کي لکيل خط مناسب نه آهي

sohail anwer siyal

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پاران وڏي وزير کي لکيل خط مناسب نه آهي، ڪنهن به پوليس افيسر کي حراسان ناهي ڪيو، گهرو وزير جي حيثيت سان آفيسرن کي سڏائڻ جو کيس اختيار حاصل آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل انور سيال چيو ته فرضن ۾ غفلت تي 7 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ سمورن ايس ايڇ اوز کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ 3 مهينا ڏنا آهن.

هن چيو ته جيستائين غفلت ڪندڙ آفيسر کي سزا نه ملندي، شيون ٺيڪ نه ٿينديون.

گهرو وزير چيو ته اي ڊي خواجه پاران سندس خلاف وڏي وزير کي لکيل خط ۾ غلط ڳالهيون ڪيون آهن، هن ڪنهن به پوليس آفيسر کي حراسان ناهي ڪيو، گهرو وزير جي حيثيت سان آفيسرن کي سڏائڻ سندس اختيار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*