نواز ليگ لسانيت، صوبائيت يا فرقيواريت واري سياست ناهي ڪندي، پرويز رشيد

سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪنهن به صوبي سان زيادتي ناهي ڪئي وئي، ن ليگ لسانيت، صوبائيت يا فرقيواريت واري سياست ناهي ڪندي، پارلياماني تجربو رکندڙن کي سينيٽ ۾ اچڻ جو حق آهي.

لاهور ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ نامزد اميدوارن سان گڏ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته پالياماني تجربو رکندڙن کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني آهي، اهل ماڻهن جو ايوان ۾ اچڻ حق آهي.

هن چيو ته ن ليگ جي اميدوارن ۾ ڪوبه پيراشوٽ ذريعي ناهي آيو، سينيٽ ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ٿيندي  آهي.

پرويز رشيد چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪنهن به صوبي جي ڪارڪن سان زيادتي ناهي ڪئي وئي، اهليت ۽ ميرٽ جي بنياد تي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته پنجاب مان هٿ آيل سون جا ذخيرا رڳو هڪ صوبي جا نه پر پاڪستان جي ملڪيت آهن، جنهن بابت وزيراعظم نواز شريف ۽ وڏو وزير شهباز شريف به چئي چڪا آهن.

چوڌري سرور ۽ بئريسٽر سلطان محمود جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت واري سوال جي جواب ۾ عمران خان حڪومتن جا مزا وٺندڙن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪري رهيو آهي، پر تنقيد وري ن ليگ مٿان ڪندو آهي.

وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ هو ته عمرا خان رڳو الزام هڻڻ ڄاڻي ٿو، جيڪي تڪ کوليا ويا آهن، انهن مان رڳو شينهن نڪتا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*