سنڌ هاءِ ڪورٽ، شاهد خاقان عباسي جي وزيراعظم طور چونڊ خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت درخواست گذار کي 10 آگسٽ تي دليلن لاءِ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

sindh-highi-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ، شاهد خاقان عباسي جي وزيراعظم طور چونڊ خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت درخواست گذار کي 10 آگسٽ تي دليلن لاءِ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ايڊووڪيٽ نديم شيخ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب 2015 ۾ ايل اين جي اسڪينڊل جي جاچ ۾ شاهد خاقان عباسي جو جوابدار طور نالو شامل ڪيو هو، پر 2016 ۾ اوچتو جاچ بند ڪئي وئي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي ائير بليو جو مالڪ آهي ۽ هن اڄ تائين ايئر بليو سانحي جي متاثرن جي سهائتا ناهي ڪئي، تنهن ڪري هو وزيراعظم ٿيڻ جو اهل ناهي.

درخواستگذار وڪيل چيو ته جيڪو شخص هڪ وزارت نٿو سنڀالي سگهي اهو وزارت اعظميٰ جي لاءِ اهل نٿو ٿي سگهي.

عدالت درخواستگذار کي درخواست جي حق ۾ وڌيڪ دليل ڏيڻ لاءِ 10 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*