مسلم ليگ ق جي اڳواڻ پروز الاهي چيو آهي ته شيخ رشيد سان پيش آيل واقعو منصوبابندي تحت ٿيو، پارليامينٽ ۾ سڪيورٽي جي ذميواري اسپيڪر جي هئي

pervaiz elahi

مسلم ليگ ق جي اڳواڻ پروز الاهي چيو آهي ته شيخ رشيد سان پيش آيل واقعو منصوبابندي تحت ٿيو، پارليامينٽ ۾ سڪيورٽي جي ذميواري اسپيڪر جي هئي، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ ۾ پيش آيل ٻئي واقعا هڪ منصوبي تحت پيش آيا.

هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن سان اهڙو رويو برداشت جوڳو ناهي، شيخ رشيد سان پيش آيل واقعي تي ضابطو آڻڻ گهرجي ها.

ق ليگ اڳواڻ چيو ته پارليامينٽ ۾ جيڪا تصوير آندي وئي، ان کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو آهي.

پرويز الاهي چيو ته پارليامينٽ ۾ سڪيورٽي جي ذميواري اسپيڪر جي هئي، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*